اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ هائوس تي حملو دهشتگردي تي ٻڌل ڪاروائي آهي. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته اسين سنڌ هائوس تي ڪيل حملي کي سنڌ تي حملو سمجهون ٿا. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به ٽوئٽر تي بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ حملي جي مذمت ڪندي هن چيو آهي ته عمران خان وٽ نمبر پورا هجن ها ته هو پارليمان لاجز ۽ بعد ۾ سنڌ هائوس تي حمل نه ڪري ها پر هو ايوان ۾ مقابلو ڪري ها.










