سڪرنڊ (راج ڪماراوڏ) ملڪ اندر هڪ اهم مسئلو اهو آهي ته 1979ع کان وٺي هتي غير ملڪين جي آمد جاري آهي ، خصوصا“ صوبي سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري تيزي سان وڌي رھي آهي جنهن سبب سنڌ جي وسيلن تي اضافي ٻوجهه هجڻ ڪري سنڌي ماڻهو سخت مصيبت کي منهن ڏئي رهيا آهيون . اهڙو اظهار سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ سنڌ ھائوس سڪرنڊ ۾ ايس يو پي ۾ شامل ٿيندڙ ماڻهن جي مان ۾ سڏايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڌارين جي آبادڪاريء سبب امن امان جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن ۽ ڪاروبارن ۽ نوڪرين تي پڻ اهي قابض ٿيندا پيا وڃن . پاڪستاني رياست انهن کي ڪڍڻ لاء ڪي به قدم نه کڻي رهي آهي . غير ملڪين کي ڪڍي رياست ۾ امن قائم ڪيو وڃي . هن چيو ته ڪورونا وائرس ۽ ماڪڙ سبب سنڌ ۾ تمام گهڻي بيچيني آهي . ڪورونا سبب معيشت تي تمام خراب اثر پيا آهن ۽ ماڪڙ جيڪري ڳوٺاڻي معيشت تباھ ٿي وئي آهي . ھن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ايس يو پي قومي جهموري پارٽي آهي جيڪا وسيلن جي مالڪي ۽ حقن ڏيارڻ جي ڳالھ ڪري ٿي . اختلاف طريقيڪار جا هوندا آهن . معاشري جي جوڙجڪ ۾ ڌارين جو قبضو آهي ، مقامي بااثر ماڻھن ذريعي اهي حڪمراني ڪن ٿا . اليڪشن جي طريقي کي جائز سمجهندي اسين اهو به چونداسين ته اسان کي هر حال ۾ پنهنجو دفاع ڪرڻ گهرجي . حب الوطنيء سبب قومي پارٽين جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو آهي هن چيو ته جيڪي ڏاڍ ۽ جبر جو طريقو اختيار ڪن ٿا ، اهي سنڌ جا سڄڻ ناهن . اسين قومي جماعت آهيون ، هتي جيڪي به نسل رهن ٿا ۽ مختلف دورن ۾ اچي آباد ٿيا آهن ۽ اهي سنڌ جي مفادن لاء سچائي سان ڪم ڪن ٿا ، انهن کي گڏ کڻي اڳتي هلي سگهون ٿا . اسين ڏاڍ ذريعي حڪومت ڪندڙن جي مخالفت ڪيون ٿا . 18هين ترميم کانپوء به اسان وٽ صوبائي خودمختياري نه آهي اسان سمنڊ ۽ درياء جي مالڪي چاهيون ٿا . وفاق هر وقت صوبن سان ناانصافي ڪري ٿو ۽ صوبن جا حق غضب ڪري ٿو . وفاقي حڪومت ڪو اعلان ڪري ٿي ته اسان مخالفت ڪنداسين . هن چيو ته پي ٽي آء جي اچڻ سان اها ڳالهه چئي پئي وئي ته احتساب جو عمل ٿيندو جيڪو نظر نه پيو اچي ، عمران صرف ماڊل جي ڳالهه ڪري ٿو پر ڪري ڪجھ به نٿو . زرداري اينڊ ڪمپني سڄي ملڪ کي لٽيو آهي ان خلاف ڪجهه نٿو ڪيو وڃي ، جيڪڏهن قانون آهي ته انصاف نظر اچڻ گهرجي ، ڪورٽون ۽ ادارا انصاف نه ڏيندا ته گهڻو ڪجهه ٿيندو . سنڌ حڪومت پاران تعليم صحت ۽ زراعت ۾ دلچسپي نه وٺڻ تي اسين ان جي مذمت ڪيون ٿا . PPPحڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ڳٺ جوڙ سان سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن جا لاش ڏنا. جيڪا مذمت جوڳي ڳالهه آهي . دادو شگر مل ، ٺٽو شگر مل ۽ سنڌ جون ٻيون ڪافي ملون ، عذير بلوچ جي معرفت ڏاڍ ذريعي حاصل ڪيون ويون انهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي . هن ورڪرن کي چيو ته اڻٿڪ محنت سان پنهنجي جاء ٺاھيو ، هن علائقي جي برادرين ايس يو پي کي جيڪا عزت ڌني آهي ۽ جيڪا اسان کي عزت ڏني آهي ، ان لاء آئون سندن ٿورائتو آهيان . سيد زين شاه کانسواء فلڪ شير اوڏ ، مجيب ماڇي ، ڌڻي بخش ڪلوئي ۽ ٻين به خطاب ڪيو . ان موقعي تي جسقم ، ٻين سياسي پارٽين ۽ مختلف برادرين جي قاسم سومرو ، جاويد ڪيريو، بابر ڪيريو،معشوق علي ، جاويد خاصخيلي ، غلام رسول ، لالا طارق پٺاڻ، محبوب علي ڪلهوڙو ، علي محمد ماڇي ، اعجاز علي ، نورالدين لاکو سميت ٻارهن کان مٿي ڪارڪنن ايس يو پي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. تقريب ۾ عثمان پارس ، قلندر بخش ملاح ، علي بخش ڪيريو ، علي عمران ڪيريو،پرويز عالم ڀٽي ، سبحان چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.










