ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سينيٽر وقار مهدي چيو آهي ته سنڌ صوبو گئس جي بدترين بحران مان گذري رهيو آهي. گئس بند ٿيڻ سبب ڪراچي کان ڪشمور تائين خاص ڪري گهريلو صارفين سخت پريشاني جو شڪار آهن. پنهنجي بيان ۾ سينيٽر وقار مهدي چيو ته پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري مملڪتي وزير ۽ ايم ڊي سوئي سدرن گيس پنهنجي واعدن ۽ اعلانيل قدمن تي عمل نه ڪيو آهي. هن چيو ته عوام رمضان جا ٻه ڏهاڪا سخت عذاب ۾ گذاريا آهن. ملڪ کي 70 سيڪڙو گئس فراهم ڪرڻ وارو صوبو سنڌ پنهنجي ئي قدرتي وسيلن کان محروم ڪيو ويو آهي. هن وزيراعظم شهباز شريف کي گذارش ڪئي ته پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري مملڪتي وزير کان جاچ ڪئي وڃي ته هن ميڊيا ۽ پارليامينٽ ذريعي عوام کي ڪوڙيون تسليون ڇو ڏنيون. ڇو حڪومت پاران سنڌ جي عوام سان ڪوڙا واعدا ۽ يقين ڏياريو ويو؟ سينيٽر وقار مهدي چيو ته عمران خان جي دور جي ايم ڊي سوئي سدرن گئس کي مملڪتي وزير اکين جو تارو بڻائي ڇڏيو آهي. عوام جي مشڪلين تي مملڪتي وزير ايم ڊي سوئي سدرن گئس جي خلاف و به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. سينيٽر وقار مهدي وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ گيس بحران جي معاملي تي فوري طور تي اجلاس گهرايو وڃي ۽ مملڪتي وزير کان سندس حڪمن تي وضاحت طلب ڪئي وڃي. جيڪڏهن مملڪتي وزير کي عوام جي بنيادي مسئلن سان ڪو به واسطو ناهي، ته ان جي جاءِ تي ڪو قابل قومي اسيمبليءَ جو ميمبر وزير بڻايو وڃي. جڏهن ته موجوده ايم ڊي سوئي سدرن گيس جي مقرري جو به فوري طور تي جائزو ورتو وڃي ۽ اهڙو اعليٰ آفيسر مقرر ڪيو وڃي جنهن کي عوام جو درد هجي ته جيئن سنڌ جو عوام گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي صوبي مان نڪرندڙ گئس سان کاڌو پچائي سگھي.










