ڪراچي(پ ر)سنڌي ايسوسيئيشن آف يورپ ’سنڌ سوليڊيريٽي واڪ‘ منعقد ڪئي. جنهن ۾ وڏي انگ ۾ لنڊن ۽ ان جي ڀرپاسي رهندڙ سنڌين شرڪت ڪئي، جنهن ۾ عورتن جو به وڏو انگ شامل هو.
18 جولائي 2026ع تي ٽرافلگر اسڪوائر لنڊن ۾ قادر سرڪي جي اڳواڻي ۽ سنڌي ايسوسيئيشن آف يورپ جي ميزبانيءَ ۾ منعقد ٿيل “سنڌ واڪ” رڳو هڪ ثقافتي تقريب نه، پر پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ سڃاڻپ سان وابستگيءَ جو بهترين اظهار هيو. پرديس جي گهٽين ۾ جڏهن سنڌي ٻولي، اجرڪن جا رنگ ۽ پنهنجي ثقافت جون خوشبوئون پکڙيون، تڏهن محسوس ٿيو ته سنڌ رڳو جاگرافي نه، پر هڪ زنده احساس آهي، جيڪو دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ دلين سان گڏ سفر ڪندو رهي ٿو.
روھت ڪمار، قادر سرڪي، علي رضا ميرجت، منير ميمڻ ۽ ٻين سڀني ساٿين جي محبت، محنت، تنظيم ڪاري ۽ مهمان نوازي هن واڪ کي يادگار بڻائي ڇڏيو. پرڏيهه ۾ ٿيندڙ اهڙيون ڪوششون نئين نسل کي پنهنجي پاڙن سان ڳنڍڻ ۽ سنڌ جي سڃاڻپ کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.










