سنڌ ساگر پارٽي جو اجلاس، سياسي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر

سنڌ ساگر پارٽي جو اجلاس، سياسي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر

خيرپور ميرس(پ ر)سنڌ ساگر پارٽي جو سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس ٺيڙهي شهر ضلع خيرپور ميرس ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي ويئي، ملڪ جي ايڪانامي صورتحال کي تشويشناڪ قرار ڏنو ويو، عدالتن ۽ پارليامينٽ جي تڪرار کي پڻ ملڪي مفاد جي خلاف محسوس ڪيو ويو، ملڪ ۾ مهانگائي، لاقانونيت ۽ ڪرپشن ڪري غريب عوام جو جيئڻ ڏکيو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، ڊجيٽل آدمشماري ڪن مخصوص سياسي پارٽين جي فرمائش تي مقرر وقت کان پنج سال اڳ ڪرايون پيو وڃن، جن ۾ شفافيت جي اڻاٺ محسوس ٿئي پئي، سنڌ ۾ غير قانوني تارڪين وطن ماڻهن کي بوگس شهريت ڏيئي سندن شناختي ڪارڊ ٺهرائي ڏنا پيا وڃن، جنهن ڪري سنڌ جي آبادي تي وڏو خراب اثر پئجي رهيو آهي، ڪراچيءَ شهر جي آبادي بوگس طريقي سان وڌائي لکي وڃي پئي، جڏهن تہ سنڌ جي سامونڊي علائقن، درياهي ڪچو، جابلو پٽي، ٿر جو علائقو، ڪوهستان ۾ ڪاڇي تائين ڳڻپ ٽيمون ويون ئي ناهين، ان کان سواءِ ٻوڏ ۽ برسات سٽيل ماڻهو جن جا هزارين ڳوٺ لڙهي ۽ ڊهي برباد ٿي ويا آهن، جيڪي ماڻهو ڪيمپن ۽ روڊن تي خيما هڻي ويٺل آهن، تن لکين ماڻهن کي ڳڻپ کان ٻاهر رکيو آهي، جيئن تہ پارٽي چيئرمين مولانا عزيز الله ٻوهيو صاحب جي وفات کان پوءِ نئين پارٽي قيادت چوندي ويئي هئي، ان قيادت جي ڪارڪردگي مان ميمبرن جي گهڻائي مطمئن نہ هئي، ان ڪري اڪثريت سان فيصلو ڪيو ويو تہ هاڻوڪي قيادت کي ختم ڪري ايندڙ ٽن مهينن ۾ پارٽي جون نئين سر چونڊون ڪرايون وينديون، تيسائين آرگنائيزنگ ڪميٽي ٽن ميمبرن جي جن ۾ ايڊوڪيٽ وزير اُڄڻ، فقير سڪندر کوسو ۽ حافظ سڪندر تنيو جوڙي ويئي جيڪا پارٽي جي معاملن تي نظر رکندي، تيستائين ٽن مهينن جو وقت ڏنو ويو آهي تہ جيڪي ميمبر ايندڙ اليڪشن ۾ بهرو وٺڻ گهرن سي پنهنجي ورڪ ڪندا رهن، دوستن سان رابطا ڪندا رهن ٽن مهينن بعد ٿيندڙ اليڪشن بعد جيڪا قيادت چونڊجي ايندي ان کان حلف پارٽي جي باني چيئرمين مولانا عزيز الله ٻوهيو مرحوم جي ڳوٺ خير محمد ٻوهيو ضلعو نوشهرو فيروز ۾ کڻايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو