سنڌ حڪومت عوام جو تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ثابت ٿي چڪي

سنڌ حڪومت عوام جو تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ثابت ٿي چڪي

ڪراچي/ٽنڊوآدم (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اگوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته اربين رپيا سيڪورٽي جي نالي تي خرچ ڪرڻ باوجود سنڌ جو عوام غيرمحفوظ آهي، سنڌ حڪومت عوام جي جان، مال ۽ عزت آبرو جي تحفظ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي، بجلي قيمت ۾ هر روز اضافي باوجود 10کان18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ سراسر ظلم، گيس، پاڻي بحران عوام جو جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، حڪمران عوام کي زندگي جون بنيادي سهولتون فراهم نٿا ڪري سگهن ته ڪُرسي ڇڏي ڏين، جماعت اسلامي 16 جولاءِ تي حيدرآباد ۾ انتخابي ڪنونشن ڪوٺائي رهي آهي جنهن ۾ ايندڙ عام چونڊن لاءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا اُميدوار شريڪ ٿيندا جڏهن ته مرڪزي امير سراج الحق ۽ لياقت بلوچ خطاب ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ غوري هائوس ٽنڊوآدم ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي صوبائي اڳواڻ طاهر مجيد راجپوت، ضلعي امير عبدالغفور انصاري، مشتاق احمد عادل، رفيق منصوري، عبدالستار انصاري سميت ٻيا مقامي اڳواڻ پڻ موجود هئا. صوبائي امير جو وڌيڪ چوڻ هو ته اڄ سنڌ ۾ قبيلائي تڪرارن جي ڪري امن امان جي صورتحال خراب، سوين حياتيون ضايع جڏهن ته تعليم ۽ ڪاروبار سميت روزاني جون سرگرميون شديد متاثر ٿي رهيون آهن، ڀُنگ لاءِ اغوا جون وارڌاتون صنعتي شڪل اختيار، ڪشمور ۾ ايس ايڇ او سميت ٽن پوليس اهلڪارن جو اغوا حڪومتي رٽ تي سواليه نشان آهي، رڳو ڪراچي ۾ ڇهن مهينن اندر اسٽريٽ ڪرائم جون پنجاه هزار وارداتون ۽ مزاحمت تي 72 ماڻهو قتل ٿي چڪا، ڪشمور، ضلعو هن وقت ڌاڙيلن لاءِ جنت بڻيل آهي جڏهن ته درجنين ماڻهو ڀُنگ لاءِ اغوا ٿيل آهن، پيپلزپارٽي جي حڪومت عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي آهي، حڪومت امن امان جي قيام ۽ عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪرپشن فري قدم کڻي. سيما جکراڻي واري واقعي جي مڪمل جانچ پڙتال ٿيڻ گهرجي ته آخر هي ڇا ماجرا آهي؟ پ پ 15 سالن کان سنڌ ۾ حڪمراني جا مزا ماڻي رهي آهي، پر سنڌ ۾ هر شعبو تباهي جو شڪار، ترقي رڳو ڪرپشن ۾ ٿي آهي، ميئر ڪراچي جي چونڊ ۾ 71 کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر پ پ جو جهموريت دشمن چهرو عوام سامهون کلي سامهون آيو آهي، اقليت کٽي وئي، اڪثريت هارائي وئي. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته ٽنڊوآدم سميت ضلع سانگهڙ جي پوڇڙ وارن آبادگارن سان آبپاشي کاتي جون بي واجبيون ناقابل برداشت آهن، ننڍن آبادگارن کي پاڻي نٿو ملي جڏهن ته بااثر سياسي زميندارن جا واٽر ڪورس تار وهي رهيا آهن، هن حڪومت کان پُرزور مطالبو ڪيو ته آبپاشي کاتي جي بي واجبين جو نوٽيس وٺي پوڇڙ جي آبادگارن کي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو