سنڌ حڪومت خدمت ۾ سڀ کان اڳتي آهي؛ عاجز ڌامراهه

سنڌ حڪومت خدمت ۾ سڀ کان اڳتي آهي؛ عاجز ڌامراهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي انفارميشن سيڪريٽري ۽ سينيٽر عاجز ڌامراهه اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت خدمت ۾ سڀ کان اڳتي آهي جنهن جو ثبوت سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ دل جي بيمارين جي سڀ کان وڏي اسپتال جي پيڙھ جو پٿر رکڻ جي صورت ۾ ڏنو آهي، جڏهن ته ڪنهن به ٻئي صوبي ۾ اڄ تائين اهڙي اسپتال جو مثال نٿو ملي. هن چيو ته رمضان المبارڪ جيڪري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ڳڙهي خدابخش بدران سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ ملهائي ويندي. هن چيو ته پاڪستان جي موجوده سياسي صورتحال ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي کوٽ کي شدت سان محسوس ڪيو پيو وڃي. عاجز ڌامراهه چيو ته جيڪا پارٽي اقتدار ۾ هئي اها هاڻي اپوزيشن ۾ آهي ۽ رياست ۽ حڪومت لاءِ چئلينج بڻيل آهي. انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄ انصاف ڪٿي به نظر نه پيو اچي، رڳو لاڏلي لاءِ رليف آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن به ائين ناهي ٿيو جو ڪنهن جي گاڏيءَ ۾ حاضري ٿي هجي. هن چيو ته پوليس کي ماريو ويو، سندن يونيفارم ڦاڙيا ويا، مٿن پيٽرول بم اڇلايا ويا. هن چيو ته ادارن جي تقدس جي پامالي پاڪستان لاءِ وڏو خطرو آهي. مان اها ڳالھ رڪارڊ تي رکڻ چاهيان ٿو ته ڇا اهو صحيح آهي ته جڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪنهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ وڃن ته انهن کي ماريو وڃي.اهي ماڻهون اهو چون ٿا ته هتي پوليس نه ايندي ڇو ته هي نوگو ايريا آهي. عاجز ڌامراهه چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪيس ۾ به تيزي ڏيکاري وڃي. ايتري تيزي گم ٿيل ماڻهن لاءِ به ڏيکاري وڃي جيتري لاڏلي لاءِ ڏيکاري پئي وڃي. هن ملڪ جي 23 ڪروڙ عوام انصاف جي انتظار ۾ آهي. هن چيو ته اسان اها اجازت نه ڏينداسين ته هو ملڪ جي امن جو دشمن بڻجي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏيڻ واري بينچ جو بيان رڪارڊ تي آهي ته اسان کان اها غلطي ٿي وئي آهي، اسان کان اهو غلط ڪم ڪرايو ويو. هن چيو ته قانون جي حڪمراني لاءِ ٻيهر ڪوڙا کائڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته هڪ ئي ملڪ ۾ ٻه مختلف نظام نٿا هلي سگهن. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ٻن صوبن ۾ پراڻي مردم شماري ذريعي چونڊون ڪرايون وڃن ۽ باقي صوبن ۾ نئين آدمشماري کانپوءِ چونڊون ڪرايون وڃن، ان جا ملڪ تي ڪهڙا اثر پوندا. عاجز ڌامراهه چيو ته اسان جي خدشن جو نوٽيس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ عوام روڊن تي نڪري پرامن احتجاج ڪندو. هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪيس تي ٻيهر غور جو مطالبو ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو