سنڌ حڪومت جو ايندڙ هفتي عورتن کي گلابي اسڪوٽر ڏيڻ جو فيصلو

سنڌ حڪومت جو ايندڙ هفتي عورتن کي گلابي اسڪوٽر ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت هن هفتي عورتن کي گلابي اسڪوٽر فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ “پنڪ اسڪوٽر پروگرام” جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪنول ڀٽو ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صوبائي حڪومت هن هفتي عورتن ۽ شاگردياڻين کي مفت اليڪٽرڪ اسڪوٽر فراهم ڪرڻ واري آهي. هي سهولت عورتن لاءِ هڪ انقلابي قدم آهي، ان سان عورتن لاءِ روزاني آمدورفت آسان ٿيندي، هن چيو ته عورتن کي وقت بچائڻ ۽ سفري خرچن ۾ گهٽتائي سان گڏ هڪ محفوظ ۽ باوقار سفر ملندو، هي اسڪيم خاص طور تي انهن عورتن لاءِ آهي جيڪي روزاني تعليم، روزگار يا ٻين ضرورتن لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ تي ڀروسو ڪن ٿيون، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي پاران عورتن ۽ اميدوارن جو رڪارڊ مرتب ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته اليڪٽرڪ اسڪوٽر هڪ شفاف نظام تحت قابليت ۽ ضرورت جي بنياد تي الاٽ ڪيا پيا وڃن،سنڌ حڪومت پاران هڪ شفاف ۽ سادو طريقيڪار تيار ڪيو ويو آهي ته جيئن وڌ ۾ وڌ عورتون هن سهولت مان فائدو حاصل ڪري سگهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حڪومت چاهي ٿي ته عورتون پنهنجي زندگي جي هر پهلوءَ ۾ آزاد هجن ۽ هي اسڪيم انهن لاءِ هڪ مثبت قدم ثابت ٿيندي. سڀني شاگردياڻين ۽ ڪم ڪندڙ عورتن کي هن سهولت مان ڀرپور فائدو وٺڻ گهرجي. سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته عورتن کي اهڙا موقعا ڏنا وڃن جن ذريعي اهي تعليم، روزگار ۽ ٻين سرگرمين ۾ مڪمل طور تي حصو وٺي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو