راڌڻ(رپورٽ) سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي راڌڻ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جا برسات متاثرن بابت اعلان ئي رهيا عوام کي ڪو به رليف ناهي ملي سگهيو سردي اچڻ باوجود ماروئڙا کليل آسمان هيٺ حڪومت جي طرف وجهائين پيا سنڌ پاران اعلان ڪيو ويو ته هارين کي ٻڄ مهيا ڪنداسين پر اهي به وڏيرا نوازي جي نظر ٿي ويو حقيقي ماڻهن ڏسندا رهيا وڏيرن جا چمچا ۽ ڪامورن جي ڪاريندن حوالي ٿي ويو ڪا به ميرٽ نه ٿي سنڌ رليف ڏپارٽمنٽ عوام کي سهولت مهيا نه ڪري سگهي سنڌ هاري ڪاميٽي جي صدر ثمرحيدر جتوئي چيو ته هارين سان ناانصافي برداشت نه ڪنداسين حڪومت رليف فنڊ ۾ شفافيت آڻي ٻئي صورت ۾ اهڙي غلط عمل کي هلڻ نه ڏينداسين هن چيو ته ٻهراڙين اندر هاري پورهيت تڙپيا بدامني عروج تي آهي ماڻهن پاڻ کي غير محفوظ سمجهن ٿا شهرن ۾ منشيات نوجوان نسل کي ديوار سان لڳائي ڇڏيو آهي منشيات سبب اسين تباهي طرف وڃي رهيا آهيون قانون لاڳو ڪندڙ ادارا منشيات جي روڪٿام لاء جوڳا قدم کڻڻ بجاء پنهنجي پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آهن جيڪڏهن منشيات بند نه ڪرايو ويو ته نتيجا خراب نڪرندا هن وڏيڪ چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي سجاڳ ٿيڻ جي ضرورت آهي وڏيرن ڀوتارن مان جان ڇڏائڻ کانسواء سنڌ جي ماڻهن وٽ ٻيو ڪو رستو ڪونهي ان موقعي تي ڪامريڊ ولي محمد,ڪامريڊ جونيئر مظهر جتوئي اي ڊي بلوچ, دلشير لاشاري ۽ ٻيا گڏ هئا…..










