سنڌ جي ورهاڱي جو شوشو ڇڏيندڙن کي سنجيدهه ناهيون وٺندا،ناصر شاهه

سنڌ جي ورهاڱي جو شوشو ڇڏيندڙن کي سنجيدهه ناهيون وٺندا،ناصر شاهه

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب منور چورنگي انڊر پاس جو افتتاح ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ان کي عوامي آمدرفت لاءِ کولي ڇڏيو ويو. افتتاحي تقريب ۾ چونڊيل عوامي نمائندن، اعليٰ سرڪاري عملدارن، ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي (ڪي ڊي اي) جي آفيسرن، انجنيئرن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شهر جي مصروف ترين تجارتي ۽ رهائشي علائقن کي پاڻ ۾ ملائيندڙ هن اهم منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ٽريفڪ جي رواني ۾ نمايان بهتري ۽ شهرين جي سفري وقت ۾ گهٽتائي جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي. منور چورنگي انڊر پاس لڳ ڀڳ 500 ميٽر ڊگهو آهي، جڏهن ته ٻنهي طرفن واري ٽريفڪ لاءِ ان جي ويڪر 24 فٽ رکي وئي آهي. ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي (ڪي ڊي اي) هن منصوبي کي 16 مهينن جي عرصي ۾ مڪمل ڪيو، جنهن تي لڳ ڀڳ 2 ارب رپيا خرچ آيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته منور چورنگي انڊر پاس عوام لاءِ کولي ڇڏيو ويو آهي، جڏهن ته هن منصوبي جو باضابطه افتتاح پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪندا. هن چيو ته ڪراچي جي ترقي، جديد شهري ڍانچي جي تعمير ۽ ٽريفڪ جي پراڻن مسئلن جو حل سنڌ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، جنهن تحت شهر ڀر ۾ ڪيترائي ترقياتي منصوبا هڪ ئي وقت جاري آهن. هن وڌيڪ چيو ته سڀني اهم شاهراهن جي بحالي ۽ تعمير لاءِ فنڊ مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سمورا ٽائون چيئرمين پنهنجن علائقن ۾ ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهن. ناصر حسين شاهه چيو ته جتي به تعميراتي معيار بابت شڪايتون مليون آهن، اتي جاچ جاري آهي ۽ ڪنهن به قسم جي غفلت يا ناقص ڪم برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪجهه عنصر سياسي مقصدن لاءِ نئين صوبي جو شوشو ڇڏيندا رهن ٿا، پر سنڌ هڪ وحدت آهي ۽ ان کي ورهائي نٿو سگهجي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي کي تباهه حال شهر قرار ڏيندڙ زميني حقيقتن کان نظرون چورائي رهيا آهن، ڇو ته موجوده حڪومت شهر ۾ ڪيترائي فلاءِ اوور، انڊر پاس، شاهراهون ۽ ٻيا ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا آهن. هن چيو ته ڪراچي جي راندين جي ميدانن تي قائم غيرقانوني شادي هالن جو خاتمو پڻ موجوده شهري انتظاميا جي اهم ڪاميابي آهي، جيئن عوام کي ٻيهر راندين جون سهولتون فراهم ڪري سگهجن. ناصر حسين شاهه چيو ته جيڪڏهن ڪراچي واقعي رهڻ جي قابل شهر نه هجي ها ته ملڪ جي مختلف حصن مان لکين ماڻهو روزگار، تعليم ۽ بهتر مستقبل جي اميد سان هتي نه اچن ها. ان موقعي تي ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب خطاب ڪندي چيو ته اسان کي پنهنجي ڪارڪردگي تي مطمئن ٿي بيهي نه رهڻو آهي، پر وڌيڪ محنت سان اڳتي وڌڻو آهي، ڇو ته اسان جو يقين آهي ته “حرڪت ۾ برڪت آهي”. هن چيو ته شهري موجوده ڪارڪردگي جو ماضي جي صورتحال سان ڀيٽ ڪن، ڇو ته ڪراچي ۾ اڄ جنهن رفتار سان ترقياتي منصوبا مڪمل ٿي رهيا آهن، ان جو مثال گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ نٿو ملي. هن ٻڌايو ته منور چورنگي انڊر پاس جي تڪميل لاءِ 24 مهينن جو وقت مقرر ڪيو ويو هو، پر مؤثر منصوبابندي، لاڳيتي نگراني ۽ لاڳاپيل ادارن جي ڏينهن رات محنت سبب منصوبو مقرر وقت کان اڳ مڪمل ڪيو ويو، جيڪو عوام سان ڪيل واعدن جي عملي تڪميل جو واضح ثبوت آهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي جي مختلف ضلعن ۾ روڊن، فلاءِ اوورن، انڊر پاسن، پارڪن، راندين جي ميدانن ۽ ٻين شهري سهولتن جي منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي، جڏهن ته انڊسٽريل پارڪ جو افتتاح پڻ جلد پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪندو. هن چيو ته ايندڙ هڪ سال دوران ڪراچي ۾ ترقياتي ڪمن جي رفتار وڌيڪ تيز ٿيندي ۽ شهري شهر ۾ واضح تبديلي محسوس ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته ڊسڪو بيڪري چورنگي تي ٽريفڪ جي وڌندڙ دٻاءَ سبب فلاءِ اوور تعمير ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي هئي، پر جماعت اسلامي جي لاڳاپيل ٽائون چيئرمين جي درخواست تي هن منصوبي تي اڳڀرائي روڪي وئي. تقريب جي پڄاڻي تي شهرين منور چورنگي انڊر پاس جي تڪميل ۽ ان کي ٽريفڪ لاءِ کولڻ جو آجيان ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته هن منصوبي سان روزانو هزارين گاڏين جي آمدرفت ۾ آساني پيدا ٿيندي، ٽريفڪ جام ۾ نمايان گهٽتائي ايندي ۽ شهر جي اهم تجارتي ۽ رهائشي علائقن وچ ۾ سفر وڌيڪ تيز، محفوظ ۽ آسان بڻجي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو