ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)مڇر مار اسپري مشينن لاءِ سنڌ جي 24 ضلعن کي 48 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن، ڪراچي کي اڃا تائين رقم جاري نه ڪئي وئي آهي.رپورٽن مطابق ڪراچي جي 6 ضلعن ۾ مڇر مار اسپري مشينن لاءِ فنڊ جاري نه ڪيا ويا آهن، رڳو ڊي ايم سي ملير کي شهر قائد ۾ مشينن جي خريداري لاءِ 2 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن.سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي ۾ اڳ ئي فيوميگيشن مشينن جو سٺو تعداد موجود آهي، ڪراچي جي 30 يونين ڪائونسلن ۾ روزانو مچھر مار اسپري ڪيو پيو وڃي.










