سنڌ جي 18 ضلعن ۾ ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جو وقت ختم،ڳڻپ جاري

سنڌ جي 18 ضلعن ۾ ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جو وقت ختم،ڳڻپ جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي 18 ضلعن ۾ ضمني بلدياتي چونڊن لاءِ پولنگ جاري آهي.ڪراچي سميت سنڌ جي 18 ضلعن ۾ پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي شروع ٿيو جيڪو شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندو.ڪراچي جي 6 ضلعن کان علاوه سنڌ جي ٻين 12 ضلعن ۾ 22 مختلف ڪيٽيگريز لاءِ ووٽ ڪاسٽ ٿي رهيا آهن.سکر جي 2 سيٽن تي يونين ڪميٽي نمبر 6 جي وائيس چيئرمين ۽ يو سي روهڙي جي چيئرمين لاءِ چونڊون ٿي رهيون آهن، جڏهن ته نواب شاهه جي 4 سيٽن تي وائيس چيئرمين، سکر جي 4 سيٽن تي وائيس چيئرمين، وارڊ نمبر 2 ۾ جنرل ڪائونسلر، وارڊ نمبر 2 ۾ ايڇ ايم خواجه. يونين ڪائونسل 4. چيئرمين ۽ ميمبر ضلعي ڪائونسل چونڊجي رهيا آهن.گهوٽڪي ۾ اوٻاوڙو يونين ڪائونسل قم شهيد جي چيئرمين لاءِ پولنگ ٿي رهي آهي، جڏهن ته حيدرآباد ۾ 5 ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ 2 سيٽن تي ووٽنگ ٿي رهي آهي.ٽنڊوالهيار جي يونين ڪائونسل لانڍي جي وارڊ نمبر 2 ۾ جنرل ڪائونسلر، لاڙڪاڻي جي وارڊ نمبر 2 رتوديرو ۾ جنرل ڪائونسلر ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي يونين ڪائونسل لاکا ۾ جنرل ڪائونسلر لاءِ ووٽنگ ٿي رهي آهي.مٽياري ٽائون ڪميٽي جي وارڊ 7 تي پولنگ ٿي رهي آهي، جيڪب آباد ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ نمبر 6 تي جنرل ڪائونسلر، شڪارپور يونين ڪائونسل نمبر 5 ۾ چيئرمين، يونين ڪائونسل نئون آباد ۾ چيئرمين ۽ نوشهروفيروز ۾ ڪنڌر ۾ ڪائونسلر لاءِ پولنگ ٿي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو