سنڌ جا ٽماٽا 2 روپيا ۽ ايران جا 50 روپين ۾ ڇو، راهيو

سنڌ جا ٽماٽا 2 روپيا ۽ ايران جا 50 روپين ۾ ڇو، راهيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي زراعت واري وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته سنڌ جا ٽماٽا 2 رپيا ۽ ايراني ٽماٽن جو في ڪلو 50 روپين ۾ وڪرو ٿيو، ڇا اها سنڌ جي آبادگارن سان دشمني ناهي؟ اهڙو اظهار هن صهافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ دشمن ۽ هاري دشمن آهي. زراعت واري وزير چيو ته ناڪام زرعي پاليسيءَ سبب آبادگار ۽ هاري ڪنگال ٿي ويا، پر وفاقي حڪومت آبادگارن جي سهائتا نه ڪئي، اسماعيل راهو چيو ته ڪڻڪ جو امدادي اگهه گهٽائڻ بعد بصرن جي ايڪسپورٽ تي پابندي لڳائڻ سان آبادگارن کي نقصان پهتو، جيڪڏهن حڪومت جي اِها هوڏ برقرار رهي ته آبادگار ڪڻڪ پوکڻ بند ڪري ڇڏيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو