ڪراچي (ڊيسڪ نيوز) سنڌ حڪومت جي صحت کاتي جي عملدارن ڄاڻ ڏني آهي ته هلندڙ سال دوران سموريءَ سنڌ ۾ 17 ماڻهو ڪتي جي چڪ سبب حياتي وڃائي چڪا آهن. ”جيو نيوز“ صحت کاتي ۾ موجود ذريعن جي حوالي کان خبر ڏني آهي ته انهن ماڻهن جو موت ڪتي جي چڪ جي ناڪاري اثرن کان بچائيندڙ دوا ميسر نه هجڻ سبب ٿيو آهي. جناح اسپتال انتظاميا جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ مهيني دوران بدين سان تعلق رکندڙ هڪ عورت بروقت علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي.










