سمورا ادارا پي ٽي آءِ قيادت ۽ ڪارڪنن کي نشانو بڻائين پيا: فراز

سمورا ادارا پي ٽي آءِ قيادت ۽ ڪارڪنن کي نشانو بڻائين پيا: فراز

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شبلي فراز چيو آهي ته سموريون تنظيمون پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ قيادت کي نشانو بڻائي رهيون آهن.راولپنڊي ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مهانگائي ۽ امن امان جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي. بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو به سڀني جي سامهون آهي.هن چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تي ڪوبه ڌيان نه پيو ڏئي، موجوده حڪومت ٽيڪ تي بيٺي آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ٽيڪ تي بيٺل حڪومت هلي سگهي ٿي پر هلي نٿي سگهي. شبلي فراز اهو به چيو ته 26هين آئيني ترميم لٺ جي زور تي ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو