سمنڊ، زندگي، معيشت ۽ ماحولياتي توازن جو ذريعو آهن، شاهه

سمنڊ، زندگي، معيشت ۽ ماحولياتي توازن جو ذريعو آهن، شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سومر ڏينهن سمنڊن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سمنڊ زندگي، معيشت ۽ ماحولياتي توازن جو انتهائي اهم ۽ بنيادي ذريعو آهن. هن چيو ته سمنڊن جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. سنڌ جو ساحل ۽ سمنڊ اسان جي قدرتي ورثو آهن. هن چيو ته سمنڊ ڌرتيءَ جي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آڪسيجن پيدا ڪن ٿا ۽ ڪروڙين انسانن جي خوراڪ ۽ روزگار جو ذريعو آهن. هن چيو ته هن سال سمنڊن جي عالمي ڏينهن جو عنوان “Reimagine” يعني نئون طرزِ عمل اپنائڻ رکيو ويو آهي. هن چيو ته ماحولياتي آلودگي، پلاسٽڪ جي فضلي ۽ موسمي تبديلين سان سمنڊ جي حياتيءَ کي سنگين خطرا درپيش آهن، جنهن جي تدارڪ لاءِ سنڌ حڪومت ساحلي علائقن، مينگرووز (تمر) جي جهنگلن ۽ سمنڊ جي حياتياتي تنوع جي تحفظ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. مراد علي شاهه چيو ته سمنڊ صرف پاڻيءَ جو ذخيرو ناهي پر زندگي، تهذيب ۽ انساني ترقيءَ جو ضامن آهي. هن چيو ته مستقبل لاءِ صاف، محفوظ ۽ صحت مند سمنڊ جي ماحول جو تحفظ اسان جي قومي ۽ اخلاقي ذميواري آهي. هن چيو ته سمنڊ صرف فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ناهن پر اسان جي ڌرتيءَ جو قيمتي اثاثو آهن، جن جي صفائيءَ جو خيال اسان کي هر حال ۾ رکڻو آهي ته جيئن سمنڊ جي حياتي ۽ اسان جو ماحول صاف سٿرو ۽ صحت بخش رهي. هن عوام تي زور ڏنو ته اهي ساحلن ۽ سمنڊ جي ماحول کي آلودگيءَ کان پاڪ رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته مينگرووز موسمي تبديلين جي خلاف قدرتي ڍال آهن. مينگرووز جو تحفظ سنڌ حڪومت جي ترجيهن ۾ شامل آهي. صحت مند سمنڊ ئي محفوظ مستقبل جي ضمانت آهن. سنڌ جي وڏي وزير سمنڊ ۽ آبي وسيلن جي تحفظ جي عزم جو اظهار ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو