ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستاني فوج جو چوڻ آهي ته ان جي بحريه اتر عربي سمنڊ ۾ هڪ واپاري جهاز جي 18 عملي جي ميمبرن کي بچائي ورتو آهي، جن مدد لاءِ سڏ ڏنو هو۔
رائٽرز موجب جاري ڪيل بيان ۾ پاڪستاني فوج جهاز جي سڃاڻپ “گولڊ آٽم” طور ڪئي آهي، جنهن جو عملو چين، بنگلاديش، ميانمار، ويٽنام ۽ انڊونيشيا جي شهرين تي مشتمل هو۔
پاڪستاني فوج ٻڌايو ته عملي کي محفوظ نموني ڪراچي آندو ويو آهي، جتي انهن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون وينديون ۽ پوءِ کين سندن ملڪن ڏانهن واپس موڪليو ويندو۔










