سلمان خان کي مارڻ جي ڌمڪي ڏيندڙ شخص جي ڳولا شروع

سلمان خان کي مارڻ جي ڌمڪي ڏيندڙ شخص جي ڳولا شروع

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ممبئي پوليس بالي ووڊ اداڪار سلمان خان کي مارڻ جي ڌمڪي ڏيندڙ شخص خلاف لک آئوٽ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن ۾ ممبئي پوليس آفيسرن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته ملزم برطانيا ۾ ميڊيڪل جي ٽئين سال جو شاگرد آهي ۽ سندس تعلق ڀارتي رياست هريانا سان آهي.پر پوليس اهلڪارن ان شخص جي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته کيس ڀارت واپس آڻڻ لاءِ قانوني ڪارروائي جاري آهي.ياد رهي ته سلمان خان کي مارچ ۾ گينگسٽر گولڊي برار جي نالي هڪ اي ميل ذريعي موت جي ڌمڪي ملي هئي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اي ميل سلمان خان جي ويجهي دوست کي موڪلي وئي هئي.واضح رهي ته ”گينگسٽر گولڊي برار“ گذريل سال هندستان جي پنجابي ڳائڻي سدو مووي والا کي قتل ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو