اسلام آباد، نيويارڪ: (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو آهي ته اها ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي.گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل مندوب عاصم افتخار نائب وزيراعظم جو مڪتوب سلامتي ڪائونسل جي صدر ليونور زالباتا ٽوريس جي حوالي ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. سلامتي ڪائونسل کي موڪليل مراسلي ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار خبردار ڪيو آهي ته نئين دهلي جا قدم پاڪستان جي آبي تحفظ، علائقائي استحڪام ۽ بين الاقوامي امن لاءِ خطرو بڻجي رهيا آهن. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايسڪس (Twitter) تي جاري ڪيل بيان ۾ سفير عاصم افتخار احمد چيو ته خط ۾ سلامتي ڪائونسل جي فوري ڌيان درياءِ چناب جي سسٽم سان لاڳاپيل ٻن غيرقانوني ڀارتي انفراسٽرڪچر منصوبن ڏانهن ڇڪائي وئي آهي، جن جو مقصد پاڻي جو رخ موڙڻ آهي. ڀارت جي انهن منصوبن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو معاهدي تحت اولهندي درياهن جي وهڪري ۽ استعمال کي غيرقانوني طور تبديل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي، جنهن جا پاڪستان جي آبي، غذائي ۽ معاشي سلامتي سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي امن تي خطرناڪ اثر پئجي سگهن ٿا. سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته اها ان نازڪ ۽ بگڙجندڙ صورتحال جو نوٽيس وٺي ۽ ڀارت کي ان جي ڀڃڪڙين تي جوابده بڻائي. عاصم افتخار احمد موجب، هن سلامتي ڪائونسل جي صدر کي ڏکڻ ايشيا جي مجموعي صورتحال ۽ ڄمڻ و ڪشمير جي مسئلي تي گڏيل قومن جي قراردادن تي ڀارت پاران لڳاتار عمل نه ڪرڻ بابت پڻ آگاهه ڪيو. اسحاق ڊار اپريل ۾ به سلامتي ڪائونسل جي صدر کي هڪ خط لکيو هو، جنهن ۾ ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي يڪطرفو طور تي معطل ڪرڻ جو هڪ سال پورو ٿيڻ تي ان معاملي طرف ڌيان ڇڪايو ويو هو ۽ ان جي سنگين امن، سيڪيورٽي ۽ انساني نتيجن کي اجاگر ڪيو ويو هو. هڪ ڏينهن اڳ اسحاق ڊار چيو هو ته درياءِ سنڌ جي سسٽم تي ڀارت جا گهٽ ۾ گهٽ 17 منصوبا نئين دهلي کي آبي بالادستي جا هٿيار فراهم ڪري سگهن ٿا. ياد رهي ته 1960ع ۾ ورلڊ بئنڪ جي ثالثي ۾ طئي ٿيل سنڌ طاس معاهدو درياءِ سنڌ جي سسٽم جي پاڻي جي ورڇ کي منظم ڪري ٿو، هن معاهدي تحت اوڀر وارا درياءَ راوي، بياص ۽ ستلج ڀارت کي، جڏهن ته اولهندڙ درياءَ سنڌ، جهلم ۽ چناب اڪثر پاڪستان کي ڏنا ويا آهن. هي معاهدو هڪ ڊگهي وقت کان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سهڪار جي هڪ مضبوط فريم ورڪ طور ڏٺو ويندو رهيو آهي ۽ جنگين توڙي بحرانن جي باوجود برقرار رهيو، پر 2025ع ۾ ڀارت پاران معاهدي جي ذميوارين کي معطل ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ ان تي دٻاءُ وڌي ويو. جون 2025ع ۾ پرمننٽ ڪورٽ آف آربيٽريشن (ثالثي جي مستقل عدالت) هڪ ضمني فيصلي ۾ قرار ڏنو هو ته ڀارت يڪطرفو طور تي سنڌ طاس معاهدي کي معطل نٿو ڪري سگهي. هڪ مهينو اڳ پاڪستان پرمننٽ ڪورٽ آف آربيٽريشن جي هڪ ٻئي ضمني فيصلي جي جي آجيان ڪئي هئي، جنهن موجب سنڌ طاس معاهدو درياءِ سنڌ جي اولهندڙ درياهن تي ڀارت جي پاڻي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي صلاحيت تي واضح حدون لاڳو ڪري ٿو. هي فيصلو والاريل ڪشمير ۾ رتلي هائيڊرو اليڪٽرڪ پلانٽ ۽ ڪشن گنگا هائيڊرو اليڪٽرڪ پروجيڪٽ جي ڊيزائن سان لاڳاپيل تڪرارن جي تناظر ۾ وڌ کان وڌ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي مسئلي تي ڏنو ويو هو. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارت پهرين آگسٽ کان هماچل پرديش ۾ درياءِ چناب تي تجويز ڪيل لنڪ-3 پروجيڪٽ تي ڪم شروع ڪندو، جنهن جو مقصد چناب جو اضافي پاڻي بياص بيسن ڏانهن منتقل ڪرڻ آهي، ان منصوبي جي قيمت لڳ ڀڳ 26.2 ارب ڀارتي رپيا ٻڌائي وئي آهي. پاڪستاني پرڏيهي دفتر جي ترجمان طاهر اندراپي ان منصوبي کي سنڌ طاس معاهدي ۽ بين الاقوامي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي قرار ڏيندي چيو ته ڀارت سالياني 1.9 ملين اڪيڙ فٽ پاڻي چناب مان بياص ۾ منتقل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، جيڪو بين الاضلاعي آبي منتقلي جي اصولن ۽ معاهدي جي روح جي خلاف آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت پاران والاريل ڪشمير جي ضلعي رياسي ۾ واقع سالال ڊيم ۾ سلٽ فلشنگ (مٽي صفائي) جو منصوبو پڻ انتهائي تشويشناڪ آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان ڀارت کي پاڻي جي وهڪري تي اهڙو ڪنٽرول حاصل ٿي سگهي ٿو جيڪو نه ته سنڌ طاس معاهدي ۽ نه ئي 1978ع جي سالال معاهدي تحت قبولڻ جوڳو آهي. واضح رهي ته ڀارت جي وفاقي وزيرن هڪ پٺيان ٻئي بيان ۾ چيو آهي ته ڀارت پاڻي جو هڪ ڦڙو به پاڪستان ڏانهن وڃڻ نه ڏيندو.










