رياض (ويب ڊيسڪ)سعودي پرڏيهي وزير جو ايراني هم منصب سان ٽيليفون تي رابطو ٿيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن هڪ ٻئي کي عيد الفطر جي مبارڪباد ڏني. رپورٽن مطابق ٻنهي اڳواڻن دوستانه معاهدي جي حوالي سان مستقبل جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ٻئي طرف برطانوي پرڏيهي وزير جيمز ڪلفرلي به سعودي هم منصب سان فون تي رابطو ڪيو.ٻنهي اڳواڻن سوڊان ۾ جنگبندي گروپن کي جنگبندي ۽ انسانيت جي امداد جي پهچائڻ لاءِ ڪوريڊور جي اپيل ڪئي.










