رياض (ويب ڊيسڪ)سعودي عرب ۾ رڍون چوري ڪرڻ جي الزام ۾ پوليس 13 پاڪستاني شهري گرفتار ڪري ورتا آهن. سعودي ميڊيا موجب، ٻڪرين ۽ رڍن جي چوري جي الزام هيٺ 13 پاڪستانين کي طائف مان گرفتار ڪيو ويو آهي. سعودي اخبار مطابق، اهي ملزم مويشي چورائڻ جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث آهن. پوليس جوابدارن کي ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد پراسيڪييوشن حوالي ڪري ڇڏيو آهي.










