سزا کاڌل آفيسر روينيو مان فارغ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن

سزا کاڌل آفيسر روينيو مان فارغ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بورڊ آف روينيو جي اختيارين نيب ڪورٽن پاران مختلف ڪيسن ۾ سزا آيل 6 مختيارڪارن سميت 15 عملدارن کي عهدن تان هٽائي ڇڏيو. سانگهڙ جو مختيارڪار رشيد ڪاڪا، جيڪب آباد جي غلام عباس سڌايو، لکي جي حميد ڪٽو کي عهدن تان هٽايو ويو. ملير آفيس ۾ مقرر مختيار ڪار ممتاز چنا، ڪورنگي ۾ مقرر سب رجسٽرار جبار شيخ، ڪلفٽن ۾ مقرر سب رجسٽرار شڪيل شيخ کي عهدي تان هٽايو ويو. جيڪب آباد، ڄامشورو ۾ ملير جي ڊپٽي ڪمشنر جي آفيسن ۾ مقرر تپيدارن کي به هٽايو ويو، جڏهن ته نيب ڪورٽن جي سزا بعد مختيارڪار اسد الله سولنگي، علي اڪبر معطل ٿيل آهن، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو شمس الدين سومرو ھٽايل ڪامورن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو