سرڪاري گاڏين ۽ رهائشگاهن جو ذاتي اسمتعال، سي اي او واٽر بورڊ جو نوٽيس

سرڪاري گاڏين ۽ رهائشگاهن جو ذاتي اسمتعال، سي اي او واٽر بورڊ جو نوٽيس

ڪراچي (پ ر) سي اي او / ايم ڊي واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جي هدايتن تي ڊي ايم ڊي ايڇ آر ڊي پاران واٽر بورڊ جي سمورين سرڪاري گاڏين ۽ سرڪاري رهائشگاهن کي ذاتي حيثيت کان منتقل ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي ان عمل کي فوري طور روڪڻ لاءِ ھدايتون ڏيندي باقاعدي ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آھي، جاري ڪيل ليٽر ۾ ان ڳالھ تي زور ڏنو ويو آهي تہ آئنده سمورين سرڪاري گاڏين ۽ سرڪاري رهائشگاھن جي منتقلي سي اي او / ايم ڊي واٽر بورڊ جي آفيس جي ذريعي ڪئي ويندي جڏهن تہ سمورا ريٽائرڊ آفيسر ۽ ملازم سرڪاري گاڏين ۽ سرڪاري رهائشگاهن جون چاٻيون سي اي او / ايم ڊي آفيس ۾ جمع ڪرائيندا ان کان علاوه واٽر بورڊ جي سمورين سرڪاري گاڏين ۽ سرڪاري رهائشگاھن جي الاٽمينٽ ۽ منتقلي سي اي او / ايم ڊي واٽر بورڊ جي منظوري سان ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو