ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڊائريڪٽر پريس انفارميشن سنڌ اختر علي سورهيو جي صدارت هيٺ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تحت ڪامياب قرار ڏنل انفارميشن آفيسرن سان تعارفي اجلاس منعقد ٿيو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر پريس انفارميشن اختر علي سورهيو نئين آيل آفيسرن کي سندن مقرري تي مبارڪون پيش ڪيون. اختر علي سورهيو چيو ته اطلاعات کاتو، سنڌ حڪومت پاران عوامي ڀلائي لاءِ ورتل اُپائن جي تشهير جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪندو آهي ته جيئن عوام کي ان حوالي سان آگاهي فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته سنڌ جو اطلاعات کاتو صوبائي حڪومت ۽ عوام وچ ۾ بهترين تعلقن ۽ حڪومتي ڪارڪردگي عوام تائين پهچائڻ ۽ عوامي مسئلن بابت حڪومت کي آگاھ رکڻ جو ذميوار آهي. جنهن لاءِ کاتي جي آفيسرن کي پنهنجيون سموريون صلاحيتون ڪتب آڻڻيو آهن. ڊائريڪٽر پريس انفارميشن اختر علي سورهيو وڌيڪ چيو ته موجوده دور ۾ اطلاعات کاتي جي آفيسرن کي سوشل ميڊيا تي عبور حاصل ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن حڪومتي منصوبن کي عوام تائين وقت سر پهچايو وڃي. هن اميد جو اظهار ڪيو ته نوان آيل آفيسر محنت ۽ جانفشاني سان پنهنجا فرض نڀائيندا. ان موقعي تي نوان مقرر ٿيل انفارميشن آفيسر ڪاظم امير بخاري، غلام شبير، رحمت علي، مراد وحيد، ذوالفقار علي، نبيل احمد، اسد علي، فاروق ممتاز، ثوبيه سليم، آند ڪمار، فائزه اوٺو ۽ علي وقار موجود هئا.










