سرسوپاران مستحق عورتن ۽ مردن سامان تقسيم ڪيو ويو

سرسوپاران مستحق عورتن ۽ مردن سامان تقسيم ڪيو ويو

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ غالب بلوچ)سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن ضلع ڪشمور سرسوپاران ڪنڌڪوٽ ۾ ضلع مينيجئر منظور حسين جلباڻي.ضلعي  آفيسر آطف پٺاڻ ۽ پروگرام آفيسر گل منگي جي نگراني ھيٺ ھڪ تقريب ڪوٺائيندي ڪشمورضلع جي ٽن تعلقن ڪنڌڪوٽ.ڪشمور ۽ تنگواڻي سان لاڳاپيل مستحق عورتن ۽ مردن کي گھر ويٺي روزگار جا موقع فراھم ڪندي 113 خاندانن کي پنھنجي پيرن تي بيھڻ اٽڪل 90 لک روپين جي لاڳت سان سامان تقسيم ڪيو ويو جنھن ۾  موٽر سائيڪل ريڙھا.موٽر سائيڪل ۽ کير جا دٻا.چئو پايو مال.ايزي لوڊ شاپس.سلائي مشنون.برياني وڪرو ڪرڻ جو سامان.جوس جا دڪان.موبائل رپئرنگ جو مڪمل سامان. ماھيگيرن کي مڇي جا ڄارا.سبزي وڪرو ڪرڻ لاء ريڙھا. پرچوڻ جا دڪان ۽ ٻياڪيترائي روزگار جا موقع شامل آھن۔تقريب دوران وڏي انگ ۾ عورتن توڙي مردن پاران شرڪت ڪندي کين سرسو پاران ملندڙ سامان وصول ڪيو ويو.ان موقعي تي مستحق عورتن ۽ مردن ميڊيا سان ڳالھائيندي سنڌ حڪومت. سرسو ۽توڙي ٻين لاڳاپيل ادارن پاران روزگار جاموقع بخشڻ تي سندن جي ڪردار ۽ مدد کي ٻچن جو پيٽ پالڻ قرار ڏيندي سرسو اداري جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته سرسو انتظاميه پاران پھريون ڀيرو شفافيت تي ٻڌل مستحقن جي چونڊ ڪئي ويئي۔ٻئي پاسي سرسو ڪشمور ضلع مينيجئر منظور حسين جلباڻي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ حڪومت سميت مختلف امدادي ادارن پاران غريب مستحق عورتن ۽ بي روزگارن لاء ملندڙ رقم اٽڪل عوام تائين پھچائڻ اسانجي ذميداري آھي۽ سرسو اداراي پاران وڌ کان وڌ اھا پڻ ڪوشش رھي آھي ته ٻارھاڙي جي بيواھ عورتن.بي روزگار نوجوانن کي روزگار جا گھر ويٺي موقع فراھم ڪيا وڃن جيئن ھو پنھجو گھر ھلائڻ جا قابل بڻجن۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو