سرحدن جي تحفظ کان وڌيڪ مقدس ڪجهه به ناهي، آرمي چيف

سرحدن جي تحفظ کان وڌيڪ مقدس ڪجهه به ناهي، آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير پاڪ افغان سرحد جو دورو ڪيو ۽ اتي مقرر جوانن سان عيد ملهائي، ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته سرحدن جي حفاظت کان وڌيڪ مقدس ڪجهه به ناهي، پاڪ فوج سرحدن جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جو پاڪ افغان سرحد پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر پشاور استقبال ڪيو.

Photo ISPR

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف آفيسرن ۽ جوانن جي بلند حوصلي کي ساراهيو ۽ جوانن ۽ آفيسرن جي آپريشنل تيارين ۽ محنت کي ساراهيو. آرمي چيف شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي خاندانن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو