سجاول ۾ نوجوان ناري کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو

سجاول ۾ نوجوان ناري کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو

سجاول: ( ڊ ر ) سجاول ويجھو ٻيلو ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ متو سومرو ۾ 24 سالا نوجوان نياز سومرو عجب خاتون ڌيء ھاشم سومرو کي مبينا طور گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به ڦاھو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي تفصيلن موجب سجاول ويجھو ٻيلو ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ متو سومرو ۾ 24 سالا نوجوان نياز سومرو عجب خاتون ڌيء ھاشم سومرو کي مبينا طور گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد پاڻ کي وڻ ۾ رسو ٻڌي خد ڪشي ڪري ڇڏي اھڙو اطلاع وارثن طرفان حد جي پوليس ٻيلو ٿاڻي تي ڏنو ويو جنهن بعد پوليس ٻئي لاش تعلقا اسپتال منتقل ڪيا ضروري پوسٽ مارتم کان پوء ٻنھي جا لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو واقعي جو ڪو به ڪيس وغيره داخل نه ٿي سگھيو آھي پوليس پاران جانچ جاري آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو