سجاول جوڻيجو(ن س)سجاول جوڻيجو ڀرسان جتوئي برادري جي گھرن تي موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن جو حملو گھر ڌڻي سميت ٻہ واٽھڙو قتل ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيوسجاول جوڻيجو ڀرسان ڀنڊ چونڪ وٽ جتوئي برادري جي گھرن تي نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن جو حملو فائرنگ ، جنهن جي نتيجي ۾ گھر ڌڻي حاڪم جتوئي سميت ٻہ واٽھڙو ضمير حسين تنيو منظور علي ڪورائي قتل ٿي پيا سعيد احمد جتوئي زخمي ٿي پيو اھڙو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو، پوليس جاء واردات تي پهچي ڪري زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو ، جڏھن ته قتل ٿيل ٻن مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال کڻائي ويا ، جڏھن ته جوابدار جاء واقعي کان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ، پوليس سان رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي دشمني تان واقعو پيش آيو آهي ، اھڙي واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف حراس ڇائنجي ويو ، هوڏانهن مختلف ميڊيا پليٽ فارم جي خبرن موجب سجاول جوڻيجو ۾ ٽن ڄڻن جي قتل ٿيڻ کانپوءِ مقتول ۽ جوابدار ڌر جي ھٿياربندن ۾ ڇتي فائرنگ، ٻنھي ڌرين جا وڌيڪ 4 ڄڻا قتل ٿي ويا، پوليس 2 ڪلاڪن کانپوءِ فائرنگ واري پاسي رواني ٿي وئي، سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ گهر پنھنجا ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار تان ٻن واٽهڙن سميت 3 ڄڻن جي قتل واقعي کانپوءِ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي. ٻڌايو پيو وڃي ته برقعا ۽ ليڊيز ڪپڙا پھريل ھٿياربند قتل واقعي کانپوءِ ڳڙهي خيرو روڊ سان فرار ٿي رهيا هئا ته مقتول ڌر جي ھٿياربندن انڙ پوليس چوڪي کان اڳتي سندن ٻن طرفن کان گهيراءُ ڪري ورتو جتي 2 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين فائرنگ جو سلسلو جاري رھيو، سجاول جوڻيجو، سنجر ڀٽي ۽ جيڪب آباد ضلعن جا ٿاڻا لڳڻ باوجود ڪا به پوليس نه پھتي. فائرنگ جي نتيجي ۾ جوابدار ڌر جي مک اڳواڻ فدا جتوئي جڏهن ته مقتول ڌر جي ٻن ڄڻن الله رکيو جتوئي وسيم جتوئي ۽ ديدار جتوئي جي قتل ٿي ويا آهن ،جڏھن ته ھوڏانھن ايس ايس پي ساجد امير سدوزئي سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي ايس ايڇ او رحيم بخش ڪلهوڙو کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي ميروخان ٿاڻي جي ايس ايڇ او علي حسن مغيري کي مقرر ڪيو ويو آهي










