سبي(ويب ڊيسڪ)سبي جي علائقي کٽ منڊي ۾ برساتي پاڻي جي ريلي ۾ وين ٻڏي وڃڻ جي نتيجي ۾ 4 عورتن ۽ هڪ ڇوڪري سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. برساتي پاڻي جي رلي ۾ ٻڏي ويل وين ۾ 10 ماڻهن کي بچايو ويو. بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ برساتن سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. ڊيرا بگٽي، موسيٰ خيل جا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته ڪوهلو، بارکان ۽ ڊيرا بگٽي جا متاثر لنڪ روڊن کي عارضي طور تي بحال ڪيو ويو آهي. آزاد ڪشمير، سوات، جهانيان، لوڌران، ليه ۽ بهاولنگر ۾ به تيز برسات پئي. چولستان جي ريگستان ۾ برسات سبب پاڻي جا ٽانڪا ڀرجي ويا، چولستانين جا چهرا خوش ٿي ويا.










