ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پوليس آفيسرن چيو اهي ته سامونڊي طوفان بائپر جوائي سبب سمورا رستا بند آهن جڏهن ته سي ويو وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ شهرين کي گرفتار ڪيو ويندو تفصيل مطابق ساموندي طوفان سبب سي ويو ڏانهن ويندڙ سمورن رستن کي سيل ڪيو ويو آهي پوليس جو چوڻ آهي ته سي ويو وڃڻ جي ڪوشش تي گرفتار ڪيو ويندو ٻئي پاسي هاڪس بي ۽ منهوڙا بيچ ويندڙ رستن کي به پوليس بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ پڪنڪ لاءِ ايندڙ شهرين کي پوليس پاران ٻيهر شهر ڏانهن اماڻيو پيو وڃي ڪمشنر ڪراچي قلم 144 لاڳو ڪري سمنڊ ۾ وهنجڻ ٻيڙي تي گهمڻ ۽ مڇي مارڻ تي مڪمل پابندي هڻي ڇڏي آهي ٻئي پاسي سنڌ حڪومت طوفان سبب ملازمن جون موڪلون رد ڪندي ڪراچي سميت سامونڊي ضلعن ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي سنڌ حڪومت بابا ڀٽ، مبارڪ وليج ابراهيم حيدري جي رهواسين کي رليف ڪئمپ منتقل ڪرڻ جي هدايت به ڪري ڇڏي آهي.










