حيدرآباد(بيورو رپورٽ)سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي اجلاس سولنگي ھائوس تي مرڪزي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي جي صدارت ۾ ٿيو ۔ اجلاس ۾ مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري اعجاز شاھ ۔ خزانچي مارو جمالي ۔ آڊيٽر سجاد ميراڻي شرڪت ڪئي ۔ اجلاس ۾ مرڪزي عورت جوائنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر رخسانا پريت ذاتي مصروفيتن سبب شريڪ نه ٿي ۔ اجلاس ۾ مادري ٻولين جي عالمي ڏھاڙي تي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاء سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران 21 فيبروري تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرن جو اعلان ڪيو ويو ساڳئي ڏينھن سنڌي ادبي سنگت سنڌ مرڪز پاران حيدرآباد پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪيو ويندو ۔ سنڌي ادبي سنگت سنڌ مرڪز پاران سال 2020ع ۾ مختلف صنفن ۾ ڇپيل ڪتابن تي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ ججن جي نالن کي فائنل ڪيو ويو ۔ اجلاس ۾ سنڌ سنگت ميگزين لاء نامياري شاعر اديب نصير مرزا کي ايڊيٽر منتخب ڪيو ويو ۔ اجلاس ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ مرڪز پاران وڇڙي ويل ناميارن اديبن رسول بخش درس ۔ پارس حميد جي ياد ۾ فيبروري جي آخري ھفتي ۾ حيدرآباد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۔ اجلاس ۾ نوجوان اديب آزاد انور ڪانڌڙو کي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي پريس ترجمان مقرر ڪرڻ جي آجيان ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته آزاد انور ڪانڌڙو سنڌي ادبي سنگت لاء ھروقت جاکوڙيو آھي ۔ جڏھن ته 7 مارچ تي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي ڪاروباري ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آھي.










