سائفر ٽرائل ۾ اسان جج ابوالحسنات جا ڪارناما ڏٺا آهن: جسٽس ميان گل

سائفر ٽرائل ۾ اسان جج ابوالحسنات جا ڪارناما ڏٺا آهن: جسٽس ميان گل

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جي جسماني رمانڊ خلاف درخواست داخل ڪئي وئي.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته جج ابوالحسنات جي عدالت ۾ ڪيمرائون لڳل آهن؟ اسان ميمبر انسپيڪشن ٽيم کي لکيو ته کين فوري طور تي واپس موڪليو وڃي، اهي اڃا تائين هتي آهن ۽ ساڳيو ڪم ڪري رهيا آهن.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته جج ابوالحسنات آرڊر ڏئي تاريخون ڏئي پوءِ ضمانت رد ڪري ڇڏي. هن ماڻهوءَ کي هتي سياسي سرگرمين لاءِ رکيو ويو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج چيو ته اسان جج ابوالحسنات جا ڪارناما سائفر ٽرائل ۾ڏٺاآهن دنيا جي ڪنهن به عدالت اهڙو ظلم ناهي ڪيو جيترو هن ڪيو، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو آهي ته دنيا جو انصاف وارو نظام هن شخص کانسواءِ نٿو هلي سگهي. ڏسو ته هي شخص ڇا پيو ڪري، جناب ايڊيشنل اٽارني جنرل! اهو ڪم اوهان کان سواءِ نه ٿيندو، قانون واري وزير سان ڳالهايو، اوهان جي وزارت ان جو دفاع ڪري رهي آهي ۽ چئي رهي آهي ته اوهان کي ائين ڪرڻ گهرجي، ان لاءِ اوهان کي مقرر ڪيو ويو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج ابوالحسنات کان بيان حلفي تي جواب طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو