زميني تڪرار، عارو لاکٽيو ۾ هڪ ڄڻو قتل، ٻه عورتون زخمي

زميني تڪرار، عارو لاکٽيو ۾ هڪ ڄڻو قتل، ٻه عورتون زخمي

سجاول ( ڊ ر ) چوڙهر جمالي لڳ ڳوٺ عارو لاکٽيو ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو، هڪ ڄڻو فوت ٻه عورتون زخمي، چوهڙجمالي لڳ ڳوٺ عارو لاکاٽيو ۾ لاکاٽيا ۽ جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب لاکاٽيا برادري جو اسماعيل ولد عارو لاکاٽيو فوت ٿي ويو جڏھن ته ٻه عورتون مسمات نيامت، مسمات مني سخت زخمي ٿي پيون زخمين ۽ فوتي جي مڙه کي تعلقه اسپتال سجاول آندا ويا. ان موقعي تي فوتي اسماعيل لاکاٽيو جو ڀاءُ يوسف لاکٽيو صحافين کي ٻڌايو ته جمالي برادري جا ماڻھو اسان جي زمين تي زوري قبضو ڪرڻ چاهين ٿا جڏھن ته زمين جو ڪيس سجاول ڪورٽ ۾ پڻ ھلندڙ آھي ان جي باوجود جمالي برادري جا ماڻهو هلان ڪري اسان جي گهر مٿان فائرنگ ڪري ڏني فائرنگ دوارن گوليون لڳڻ سبب منهنجو ڀاءُ اسماعيل لاکاٽيو موقعي تي فوت ويو ۽ ٻه عورتون زخمي ٿي پيون. جنهن کي اسان سجاول ٿاڻي تي آندو پوليس ليٽر ڏئي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال سجاول روانو ڪري ڇڏيو پوسٽ مارٽم بعد ڪيس داخل ڪرائينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو