زرعي زمين تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 4 زخمي

زرعي زمين تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 4 زخمي

وڳڻ ( علي  مصطفى بروهي)ڳوٺ ٿرڙي ھاشم ۾ زرعي زمين تي قبضي تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو جتوئي برادري پاران ھوائي فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو ڏنڊا ۽ سروٽا لڳڻ سبب عطاءُ الله تنيو، محسن تنيو، دلبر جتوئي زخمي ٿي پيا جن کي سرڪاري اسپتال پھچايو ويو رابطو ڪرڻ تي زخمي عطاءُ الله تنيو چيو ته بخت جتوئي ۽ صدام جتوئي پاران اسانجي چار جريب زرعي زمين تي قبضو ڪيو ويوآھي جن کي منع ڪئي ته ھُنن اسان مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني ۽ اسان مٿان ڏنڊن ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو جنھن سبب اسان جا چار ماڻھو زخمي ٿي پيا آھن. ھُنن چيو ته جتوئي برادري جي ڏوھارين ٻاھران ماڻھو گھرائي اسان مٿان حملو ڪيو آھي ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو اسان سان انصاف ڪن ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي دلبر جتوئي چيو ته اسان زرعي زمين  پيسن عيوض گروي ورتي آھي تنيا برادري پاران اڳرائي ڪئي وئي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو