ريڊيو پاڪستان ملازمن کي جلد پگهارون ڏيڻ جو اعلان

ريڊيو پاڪستان ملازمن کي جلد پگهارون ڏيڻ جو اعلان

پشاور (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف ريڊيو پاڪستان پشاور جي ملازمن جون پگهارون فوري طور ادا ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.ڊي جي ريڊيو وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي شهباز شريف چيو ته شرپسندن ريڊيو پاڪستان پشاور جي عمارت کي نقصان پهچايو، 100 سالن کان وڌيڪ رڪارڊنگ ۽ آرڪائيوز سڙي ويا.ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته هو ريڊيو پاڪستان جي ملازمن جي حوصلي کي ساراهي ٿو، 48 ڪلاڪن ۾ فنڊ فراهم ڪيا ويندا.شهباز شريف جو چوڻ آهي ته اپريل ۽ مئي جون پگهارون فوري طور ادا ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو، مئي جي پگهار 48 ڪلاڪن ۾ اطلاعات واري وزارت ذريعي ملي ويندي.هن چيو ته 14 آگسٽ 1947ع تي ان ئي عمارت مان آزاديءَ جا آواز بلند ٿيا، ريڊيو پاڪستان پشاور ئي هو جنهن خداداد جي سلطنت جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو.وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته تاريخي ۽ قومي ورثي کي ساڙڻ ڪٿي جي حب الوطني آهي؟ چاغي جي يادگار کي به سڙي رک ڪري ڇڏيو ويو، پنهنجي تاريخي ورثي ۽ سڃاڻپ جي حفاظت ڪندڙ قومن کي هتي ساڙيو ويو.هن وڌيڪ چيو ته 100 سالن جو رڪارڊ ۽ تاريخي ورثو تباهه ڪيو ويو، جن ماڻهن اهو ڪم ڪيو آهي انهن ۽ دهشتگردن ۾ ڪو فرق ناهي.تقريب ۾ اطلاعات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار، خيبرپختونخواهه جو گورنر غلام علي ۽ ڪي پي جو نگران وڏو وزير محمد اعظم خان پڻ موجود هئا.مريم اورنگزيب چيو ته هٿياربند گروپن کي ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڏني ويندي، 9 مئي وارو واقعو ٻيهر نه ٿو هلي سگهي، ملوث ماڻهن کي سخت سزا ڏني ويندي، منصوبي تحت ئي ريڊيو پاڪستان پشاور جي عمارت تي حملو ڪيو ويو.سڌ سماءَ واري وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته شرپسندن 10 مئي تي ٻيهر انتظامن سان حملو ڪيو، تاريخي آثار کي ساڙيو ويو، عمارت کي بچائيندي ڪيترائي اسٽاف سخت زخمي ٿي پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو