ٽنڊوباگو(رپورٽ: ڄام سھيل سمون) مير غلام محمد خان ٽالپر اسٽيڊيم تي پاڪ رينجرس ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شروع. ٽورنامينٽ ۾ 6 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. جن ۾ بدين بريوُ ڪلب، بلوچ ڪرڪيٽ ڪلب ٽنڊوباگو، ماتلي سٽي ڪرڪيٽ ڪلب، سنڌ اليون ڪرڪيٽ ڪلب بدين، بدين پوليس ڪرڪيٽ ڪلب ۽ ايم جي ايم ڪرڪيٽ ڪلب ٽنڊوباگو جون ٽيمون شامل آهن. ٽورنامينٽ جو فائينل آچر ڏينهن ٿيندو. جڏهن ته آچر شام جو سنڌ رينجرس بدين ۽ سنڌ پوليس بدين جي ٽيمن وچم نائٽ شو ميچ ٿيندو. جمع ڏينهن کان شروع ٿيل پاڪ رينجرس سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي پهرين ميچ لاءِ بدين بريوُ ڪلب، بلوچ ڪرڪيٽ ڪلب ٽنڊوباگو کان ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مقرر 20 اوورن ۾ بدين بريوُ ڪلب 5 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي 161 رنسون اسڪور ڪيون. بدين بريوُ ڪلب جي رانديگر حارث بهترين راند جو مظاهرو ڪندي 3 ڇڪا ۽ 5 چوڪا هڻي 74 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

شاھ رخ 37 رنسون ۽ ولي 18 رنسون اسڪور ڪيون. بلوچ ڪرڪيٽ ڪلب جي بالرن علي حيدر 4 اوورن ۾ 26 رنسون ڏئي 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. شڪيل 4 اوورن ۾ 39 رنسن عيوض 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو ۽ اسلم 4 اوورن ۾ 16 رنسون ڏئي هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. جواب ۾ بلوچ ڪرڪيٽ ڪلب ٽنڊوباگو 20 اوورن ۾ 7 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي 148 ٺاهي سگهي جنهن ڪري بدين بريوُ ڪلب 13 رنسن تان ميچ کٽي ورتو. بلوچ ڪرڪيٽ ڪلب جي رانديگر شڪيل 2 ڇڪا ۽ 2 چوڪا هڻي 32 رنسون اسڪور ڪيون. عذنان گل هڪ ڇڪو ۽ 3 چوڪا هڻي 22 رنسون اسڪور ڪيون. بدين بريوُ جي بالر وارث 4 اوورن ۾ 19 رنسون ڏئي 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو ۽ عمران 4 اوورن 23 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي. مئيچ جو مين آف دي ميچ حارث کي قرار ڏنو ويو. ٻئي ميچ ۾ سنڌ اليون ڪرڪيٽ ڪلب بدين جي ٽيم ماتلي سٽي ڪرڪيٽ کان ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سنڌ اليون جي سموري ٽيم 17.1 اوورن ۾ 87 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. سنڌ اليون جي رانديگر 2 چوڪا هڻي 23 رنسون ٺاهي سگهيو. جڏهن ته ثناء ﷲ 18 رنسون اسڪور ڪيون. ماتلي سٽي جي بالر شهير 2 اوورن ۾ 5 رنسن عيوض 3 وڪيٽون ورتيون. ذيشان 3 اوورن ۾ 7 رنسون ڏئي 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪري ڇڏيو.

جڏهن ته عنف 3 اوورن ۾ 11 رنسون ڏئي 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪري ڇڏيو. جواب ۾ ماتلي سٽي ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم 10.1 اوورن ۾ 88 رنسون مڪمل ڪري 9 وڪيٽن تان سنڌ اليون بدين کان ميچ کٽي ورتو. ماتلي سٽي جي رانديگر ذيشان شاه 2 ڇڪا ۽ 5 چوڪا هڻي 43 رنسون اسڪور ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. زبير هڪ ڇڪو ۽ 5 چوڪا هڻي 35 رنسون اسڪور ڪيون. سنڌ اليون جو هڪ بالر اسد 16 رنسون ڏئي صرف هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪري سگهيو.










