ڪنڌڪوٽ (ن س )سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ رينجرز جي ڪارروائي دوران جاگيراڻي گينگ جي سرگرم ميمبر حمير جاگيراڻي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا.رينجرز ترجمان موجب گرفتار جوابدار اغوا ۽ قتل جي وارداتن ۾ ملوث آهي.رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪنڌڪوٽ ڪچا ڀنڊي جو گهيرو ڪيو ويو.رينجرز جي ترجمان جو اهو به چوڻ آهي ته سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪارروايون جاري آهن.










