اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت رينجرز اهلڪارن کي گاڏي سان ٽڪرائڻ جي ڪيس ۾ جوابدار تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.عدالت 26 نومبر تي پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران رينجرز اهلڪارن کي گاڏي سان ٽڪرائڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج طاهر عباس سپرا ڪئي.عدالت جوابدار هاشم عباسي تي فرد جرم لاڳو ڪئي، جڏهن ته جوابدار الزام رد ڪري ڇڏيو.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي استغاثه جي شاهدن کي 4 جون تي طلب ڪيو آهي.










