ريلوي ٽريڪ تي حملن جي رٿا بندي ڪندڙ 5 دهشتگرد گرفتار

ريلوي ٽريڪ تي حملن جي رٿا بندي ڪندڙ 5 دهشتگرد گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (CTD) جمعي ڏينهن پابندي مڙهيل بلوچ ريپبلڪن گارڊ (BRG) جي پنج ميمبرن کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪي مبينا طور ڪراچي ۾ ريلوي ٽريڪن تي حملي جي رٿابندي ڪري رهيا هئا۔
هڪ پريس رليز ۾، ڊپارٽمينٽ ٻڌايو ته هنن رينجرز ۽ وفاقي انٽيليجنس ايجنسي سان گڏ گڏيل انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن (IBO) ڪيو، جنهن دوران “BRG جي پنج ميمبرن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪراچي ۾ ريلوي ٽريڪن تي دهشتگردي جي منصوبي کي ناڪام بڻايو ويو.”
CTD پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن گروهه “سنڌ جي جيڪب آباد ۽ شڪارپور ضلعن ۾ گهٽ شدت وارا ڇهه ڌماڪا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ ريلوي ٽريڪ ۽ ٽرين جي بوگي کي جزوي نقصان پهتو.” هن چيو ته گروهه پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي انهن حملن جي ذميواري قبول ڪئي هئي۔ سنڌ جي گهرو کاتي جي وزير ضيا الحسن لنجار سي ٽي ڊي جي ڪردار جي ساراهه ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو