رياستي ڪنٽرول وارا ڪاروباري ادارا ٻوجهه بڻجي ويا

رياستي ڪنٽرول وارا ڪاروباري ادارا ٻوجهه بڻجي ويا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عالمي بئنڪ پاڪستان جي رياستي ادارن جي نگراني ۾ هلندڙ ڪاروباري ادارن کي ڏکڻ ايشيا جي بدترين ادارن ۾ شامل ڪيو آهي. پي آءِ اي سميت هي ادارا پنهنجي ڪل اثاثن جي قيمت کان وڌيڪ مجموعي نقصان ۾ هلن ٿا، نتيجي ۾ عوامي وسيلن جو ضياع ۽ ادارن لاء خطرا وڌي رهيا آهن. ورلڊ بئنڪ موجب، سالياني بنيادن تي، سرڪاري ڪمپنيون 458 بلين رپين کان وڌيڪ سرڪاري فنڊن کي اڳرڻ لاء پنھنجي وجود کي برقرار رکن پيون. هنن ڪمپنين جي ضمانتن واري رقم مالي سال 2021 ۾ جي ڊي پي جي تقريبا 10 سيڪڙو برابر ٿي وئي آهي، جيڪا 2016 ۾ رڳو 3.1 سيڪڙو هئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل خساري سبب وفاقي حڪومت مالي مشڪلاتن ۽ فنڊن جي ضايع ٿيڻ جي سنگين مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ اهي ادارا 2016ع کان وٺي سالياني بنيادن تي جي ڊي پي جي 0.5 سيڪڙو جي حساب سان مسلسل مالي نقصان ڪري رهيا آهن. عالمي بئنڪ انهن ادارن کي نجي شعبي حوالي ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. تفصيلن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ائٽمي انرجي ڪميشن (PAEC) پاران مالي سال 2021ع ۾ K-3 ۽ K-4 ائٽمي پاور پلانٽس جي مالياتي منصوبي جي طور تي 32 سيڪڙو ادائگي جي ضمانت ڏني وئي هئي. دستاويزن مان ظاهر ٿئي ٿو ته مالي سال 21 ۾ مجموعي ٻوجهه جو 44.4 سيڪڙو ضمانتون هيون، جڏهن ته ڪيش ڊولپمينٽ قرض ۽ ٻاهرين قرضن جو انگ ترتيبوار 36 سيڪڙو ۽ 19.6 سيڪڙو رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو