ماسڪو: (ويب ڊيسڪ) روس پهرين اپريل کان 31 جولاءِ تائين پيٽرول جي برآمدات تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب روس نائب وزيراعظم اليگزينڊر نوواڪ توانائي واري وزارت کي پيٽرول برآمدات تي پابندي جو مسودو تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.روس موجب اهڙي قدم جو مقصد ملڪي سپلاءِ کي برقرار رکڻ ۽ قيمتن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ آهي. نوواڪ چيو ته وچ اوڀر ۾ اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ جاري تڪرار تيل ۽ پيٽروليم جي عالمي منڊين ۾ هيٺ مٿانهين کي وڌائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته انهي جي ڪري قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين ٿي آهي، روس روزاني 120.000 کان 170.000 بيرل پيٽرول برآمد ڪندو آهي.اهڙي فيصلي سان چين، ترڪي، برازيل، آفريڪي ملڪ ۽ سينگاپور جي وڌيڪ متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي، اهي ملڪ روسي پيٽروليم شين جا وڏا خريدار آهن، هندستان تي انهي جو اثر گهٽ کان گهٽ ٿيندو ڇو ته اهو ريفائنڊ پيٽرول جي بجاءِ خام تيل درآمد ڪندو آهي.نائب وزيراعظم نوواڪ اجلاس جي دوران ٻڌايو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جو وڏو ذخيرو موجود آهي، ريفائنريز پوري صلاحيت سان ڪم ڪري رهيون آهن. تيل ڪمپنين توثيق ڪئي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جو وڏو ذخيرو دستياب آهي، ريفائنريز پوري صلاحيت کان به وڌيڪ ڪم ڪم ڪري رهيون آهن. موجوده طلب کي پورو ڪيو پيو وڃي.










