روس جي يوڪرين جي اهم شهرن  تي قبضي جي دعويٰ

روس جي يوڪرين جي اهم شهرن تي قبضي جي دعويٰ

ڪيف (ويب ڊيسڪ)روس يوڪرين جي شهر باخموت تي مڪمل قبضي جي دعويٰ ڪئي آهي، جيڪو فوجي اهميت وارو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب روس يوڪرين جي شهر باخموت تي مڪمل قبضي جي دعويٰ ڪئي آهي پر يوڪرين طرفان ان ڳالهه جي ترديد ڪئي وئي آهي.يوڪرين جو چوڻ آهي ته باخمت شهر تي قبضو ناهي ڪيو ويو، روس سان جنگ جاري آهي.ميڊيا رپورٽن موجب باخموت شهر کي يوڪرين جي فوجين لاءِ مکيه سپلائي مرڪز سمجهيو ويندو هو، جنهن تي روسي پيرا ملٽري ويگنر گروپ دعويٰ ڪئي آهي.ويگنر گروپ جي سربراهه جو چوڻ آهي ته باخموت شهر تي مڪمل قبضو ڪيو ويو آهي ۽ بخموت جو ڪنٽرول جلد روسي فوج جي حوالي ڪيو ويندو.ويگنر گروپ جي سربراهه موجب ويگنر گروپ جا فوجي دستا 25 مئي تي باچ مائوٿ کان واپسي شروع ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو