نئون ڪوٽ (رپورٽ پيارعلي نھڙيو ) ايس ايس پي ٿرپارڪر سردار حسن نيازي وڄوٽو پوليس پاران مبينا عورت حيمان ڪرسچن کي گرفتار ڪري رشوت وٺڻ جي الزام ۾ ايس ايڇ او وڄوٽو مير مهدي ٽالپر ۽ وڏي منشي نبي بخش جروار کي معطل ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب هڪ هفتو اڳ ۾ مٺي واسي صفائي عملي جي عورت کي وڄوٽو پوليس جي اهلڪارن سفينا گٽڪو هجن سبب گرفتار ڪري ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرڻ بجاءِ 20 هزار روپيا وٺي آزاد ڪيو هو.










