رسول بخش پليجي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جون تياريون شروع

رسول بخش پليجي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جون تياريون شروع

حيدرآباد (پ_ر) سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ طرفان عوامي تحريڪ جي سربراهه محترم رسول بخش پليجي صاحب کي ثقافتي رنگن سان ڀيٽا پيش ڪرڻ جون تياريون شروع. ايس جي ايس ٽي جي ڀينرن پليجي صاحب جي پنجين ورسي تي قومي ۽ انقلابي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪرڻ لاءِ عوامي تحريڪ جي مرڪزي آفيس ڊي ٽين پليجو هائوس، قاسم آباد ۾ ريهرسل شروع ڪري ڇڏي. 7 جون تي جنگشاهي ۾ قائد انقلاب محترم رسول بخش پليجي صاحب جي آخري آرامگاهه تي عوامي تحريڪ طرفان هزارين ماڻهن جو جلسي عام ڪيو ويندو، ان جلسي عام جي اسٽيج پرفارمنس جي ريهرسل سان گڏ دعوتن جو سلسلو پڻ زور شور سان جاري آهي. ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار ۽ مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، سول سوسائٽي جي نالي واري شخصيت نور محمد بجير سان ملاقات ڪري قائد انقلاب محترم رسول بخش پليجي صاحب جي 7 جون 2023ع تي ڳوٺ منگر خان پليجو جنگشاهي ۾ عوامي تحريڪ طرفان اعلانيل پنجين ورسيءَ جي جلسي عام ۾ کيس شرڪت جي دعوت ڏني. ٻي پاسي عوامي تحريڪ جي مرڪزي پريس سيڪريٽري ڪاشف ملاح ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر سميع ابڙي سينيئر صحافي شبير نظاماڻي، اختر حفيظ، جنيد خانزاده، حامد شيخ ۽ ٻين قلمڪارن ۽ صحافين کي پليجي صاحب جي پنجين ورسي جي دعوت ڏني. ان کان علاوه سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ غلام مصطفي چانڊيو ۽ عوامي تحريڪ ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي صدر عرفان منان، حميد باغي ۽ مجيب چانڊئي0 وارهه جي بازارن ۾ مزدورن ۽ پورهيتن کي هينڊ بل ڏئي پليجي صاحب جي ورسي جي دعوت ڏني. هوڏانهن عوامي ت0حريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، اوڀايو جوڻيجو ۽ ديال صحرائي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ڊجيٽل آدمشماري ۽ انهن جي نتيجن جي ڪا به قانوني ۽ آئيني حيثيت ناهي. وقت کان اڳ غيرقانوني طور ٿيندڙ آدمشماري جي نتيجن کي سنڌي عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. پرڏيهين کي سنڌ جو شهري شمار ڪري سنڌين کي پنهنجي تاريخي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ هي سنڌ دشمن، ملڪ دشمن آدمشماري ڪرائي وئي آهي. هي آدمشماري پرڏيهي دهشتگردن کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ عالمي سامراجي قوتن پنهنجي ڇپر ڇانو ۾ ڪرائي آهي. ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي ٿيندڙ آدمشماري جو مدو به ايم ڪيو ايم جي ئي فرمائش بار بار وڌائي اڳواٽ طئي ڪيل انگن اکرن جو هدف حاصل ڪيو ويو آهي. آدمشماري جي نالي ۾ ملڪي ناڻي کي 35 ارب روپين جو کاٽ هنيو ويو آهي باقي صحيح معنيٰ ۾ آدمشماري نالي ڪا به شيءَ ناهي ٿي ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ نيٽ ورڪ جا مسئلا هئا ۽ آدمشماري جي ايپ ۾ ايڊٽ جو به آپشن موجود هو جنهن سبب بيورو آف اسٽيٽسٽڪس وارا آساني سان پنهنجي مرضيءَ جا نتيجا گهڙي سگهندا جنهن مان اها ڳالھ ثابت ٿئي ٿي ته هي آدمشماري هڪ ڍونگ ۽ فراڊ کانسواءِ ڪجھ به ناهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو