اسلام آباد)بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته عمران خان لانگ مارچ ڪيو ته راڻا ثناءُ الله فيصلو ڪندو ته کيس ڪهڙي جيل ۾ رکڻو آهي.هڪ بيان ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان جي سياسي مستقبل جو فيصلو آصف زرداري ڪندو، تنهن ڪري آصف زرداري خلاف بيان بازي ۾ هوشيار رهي، ممڪن آهي ته يوٽرن خان کي معافي وٺڻي پوندي.هن چيو ته عمران خان کي رڳو هڪ جيالي شڪست ڏني، عام چونڊن ۾ هو جيالن کي منهن ڏيندو، ضمني چونڊن ۾ جن عمران کي ووٽ ڏنو اهي مٿس پٿر اڇلائيندا.وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن عمران خان لانگ مارچ ڪندو ته کيس ڪهڙي جيل ۾ رکڻ گهرجي، ان جو فيصلو راڻا ثناءُ الله ڪندو.










