راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۾ قيدي وين مان فرار ٿيل حوالاتين جي گرفتاري ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿي آهي. پوليس هڪ ٻئي مفرور جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدار شاهه مير قتل جي ڪوشش واري ڪيس ۾ ملوث هو، جوابدار شاهه مير کي سهالا پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.دوباره گرفتار ڪيل مفرور حوالاتين جو انگ 13 ٿي ويو آهي، جڏهن ته آخري مفرور جوابدار جي گرفتاري لاءِ پوليس جا ڇاپا جاري آهن.










