راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ روڊ بحال، وزيرآباد ۾ ڌرڻو جاري

راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ روڊ بحال، وزيرآباد ۾ ڌرڻو جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) راولپنڊي ۾ روڊ 12 ڏينهن کانپوءِ کوليا ويا، جڏهن ته پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ جا مظاهرين اڄ به وزيرآباد جي الله والا چوڪ تي موجود آهن. راولپنڊي کان اسلام آباد ويندڙ سمورن رستن تان رڪاوٽون هٽايون ويون آهن، جڏهن ته مري روڊ تان ڪنٽينر به هٽايا ويا آهن ۽ صدر کان فيض آباد تائين مري روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بحال ڪيو ويو آهي. فيض آباد انٽرچينج تي ٽريفڪ بحال ڪئي وئي آهي ۽ راولپنڊي ۾ ميٽرو بس سروس به بحال ڪئي وئي جيڪا ڪيترن ڏينهن کان بند هئي. ٻئي طرف پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ايل پي جا مظاهرين اڄ به وزيرآباد الله والا چوڪ تي موجود آهن. مفتي منيب چيو ته هي معاهدو رات جو ناهي ٿيو، اڳ ۾ عمل ڪريو، اسين ان جي چوڪيداري ڪنداسين، اسٽيئرنگ ڪميٽي جو ٻيو اجلاس اڄ ٿندو. مستقبل جو لاءِ عمل ٽي ايل پي جي شوريٰ ڪندي، ڪارڪن معاهدي تي عمل درآمد تائين وزير آباد ۾ رهن. جنهن سبب الله والا چوڪ ڀرسان تعليمي ادارا ۽ تجارتي مرڪز بند آهن. ان کان علاوه لاهور کان اسلام آباد ويندڙ جي ٽي روڊ بند آهي، چناب ٽول پلازه ڀرسان کڏي کي ڀرڻ جو عمل شروع نه ڪيو ويو آهي. هوڏانهن گوجرانوالا ۾ مولانا ظفر علي خان چوڪ کان رڪاوٽون هٽائي اندرون شهر ۽ سيالڪوٽ ايئرپورٽ تائين پهچ کي کوليو ويو آهي. وزيرآباد شهر جا سمورا تعليمي ادارا کليل آهن پر گوجرانوالا ۾ انٽرنيٽ سروس اڃا تائين بند آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو