نوشھروفيروز (رپورٽ منظور ملڪ)پريس ڪلب ۾ سنڌ جي مزاحمتي شاعر راشد مورائي جي 78هين سالگره ملهائي وئي جنهن کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين خالق جوڻيجو چيو ته راشد مورائي جو ون يونٽ تحريڪ ۾ وڏو ڪردار هيو جنهن کي سنڌي ادبي سنگت ياد ڪرڻ تي جس لهڻي۔ هن چيو ته پارلياماني سياست سنڌ جي ڌرين کي ڪرڻ گهرجي پر ان لاء وسيلا ناهن ۽ ماڻهو وڏيرن جي چنبي ۾ آھن جن لاء اسان کي جدوجهد ڪرڻ انهن جي وڏيراشاهي مان جان ڇڏائڻي پوندي۔ اسان جي قومپرست ڌرين وٽ ايترو پئسو ناهي جو هر ايجنٽ کي پئسا ڏئي ويهاري ۽ ورڪ به ڪرايون۔ هن چيو ته سنڌي ادبي سنگت سميت سنڌ جي اديبن شاعرن کي ون يونٽ تي پروگرام ڪرڻ گهرجن۔ ان موقعي تي جسم اڳواڻ هاشم کوسو۔ ساهتي جرنلسٽ ويلفيئر آرگنائيزيشن جي صدر يونس راڄپر۔ سنگت شاخ جي سيڪريٽري ساگر يوسف منگي۔ خادم حسين مري۔ امجد ميمڻ۔ شاهد چنه۔ قاسم اسراڻ۔ ناز سولنگي ۽ ٻين چيو ته راشد مورائي پنهنجي قلم سان سنڌ جي ماڻهن ۾ اتساه پيدا ڪيو ۽ هن سنڌ جي هر ٻرندڙ مسئلي کي پنهنجي شاعري وسيلي دنيا آڏو بهترين نموني پيش ڪيو۔ هنن چيو ته راشد مورائي آخري وقت تائين مجموعي طور قومي تحريڪ جي ورڪرن ۾ اتساه جو سبب بڻيو رهيو هن جي زندگي قومي ورڪرن ۽ ساڃاه وند سنگت لاء هڪ مثالي رهي۔ ان موقعي تي مشتاق مري۔ خادم سيال۔ سهيل منگي۔ حسنين چنه۔ وزير سولنگي۔ پپو سومرو ۽ ٻين پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔










