راجه سميت ميمبرن خلاف جڊيشل ڪميشن ۾ شڪايت داخل

راجه سميت ميمبرن خلاف جڊيشل ڪميشن ۾ شڪايت داخل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ۽ ميمبرن خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ شڪايت داخل ڪرائي وئي.شڪايت حليم عادل شيخ، جسٽس (ر) نورالحق قريشي ۽ شبير احمد گڏيل طور تي داخل ڪرائي هئي.درخواست جي متن ۾ چيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبر پنهنجون آئيني ذميواريون نڀائڻ ۾ ناڪام رهيا، تحريڪ انصاف جي مينڊيٽ ۽ عدالتي فيصلن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.حليم عادل شيخ، جسٽس (ر) نورالحق قريشي ۽ شبير احمد چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي ڪارروائين سبب 12 ڪروڙ کان وڌيڪ ووٽر متاثر ٿيا.شڪايت ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن تي لڳايل الزامن جي جاچ ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو