لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر راجا رياض جي مقرري خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت ۽ اسپيڪر کان ايندڙ ٻڌڻي تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر راجا رياض جي مقرري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اپوزيشن ليڊر راجا رياض پنهنجو آئيني ڪردار ادا نه ڪري رهيو آهي، اپوزيشن ليڊر جو عهدو انتهائي اهم آهي جڏهن ته نگران سيٽ اپ جي مشاورت اپوزيشن ليڊر سان ٿيڻ گهرجي. درخواستگذار جي دليلن تي وفاقي حڪومت، پنجاب حڪومت ۽ اسپيڪر جي وڪيلن جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي، جنهن تي عدالت ٽنهي کي ايندڙ ٻڌڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. عدالت چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي هر صورت ۾ جواب داخل ڪرايو وڃي، جنهن بعد درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 7 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










